وَمَنْ مَاتَ وَلَيْسَ فِیْ عُنُقِهٖ بَيْعَةٌ مَاتَ مِيْتَةً جَاهِلِيَّةً (صحيح مسلم ،حديث : ۴۷۹۳)
[sd]بيحد مہربان ۽ گھڻي رحم ڪرڻ واري اللہ جي نالي سان
سڀ تعريفون الله، جهانن جي پاليندڙ لاءِ سونھن ۽ جڳائين (۱) رحمٰن رحم ڪرڻ وارو آهي (۲) روزِ جزا جو مالڪ آھي (۳) اسين تنهنجي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا (۴) اسان کي سڌي واٽ تي ھلائيندي منزلِ مقصود تائين پھچاءِ (۵) انهن ماڻھن جي واٽ تي هلاءِ جن تي تو انعام ڪيو (۶) انهن ماڻھن جي واٽ نه (هلاءِ) جن تي غضب ڪيو ويو ۽ جيڪي گمراهه آهن (۷)[/sd]